خواجه بهاءُ الدين

خواجه بهاءُ الدين

خواجه بهاءُ الدين

خواجه بهاءُ الدين: خواجه بهاءُ الدين نامور عالم ۽ نقشبندي سلسلي جو باني هو. سندس والد جو نالو جلال الدين هو. هُن 4 محرم 718هه مطابق 8 مارچ 1318ع تي ايران جي شهر بخارا ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي عام ٻارن کان مختلف هوندو هو. کيس باطني علم حضرت امير گلال کان عطا ٿيو، جنهن سندس ظاهري تربيت به ڪئي هئي. جنهن ڪري هن حضرت امير گلال پنهنجو مرشد مڃيو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ سندس والد صاحب کيس بابا سماسي جي خدمت ۾ موڪليو، جنهن وٽان فيض حاصل ڪيائين. بابا سماسيءَ کان پوءِ سمرقند جي بزرگن جي صحبت اختيار ڪيائين. اتان پوءِ بخارا آيو. اتي رهائش اختيار ڪري شادي ڪيائين. روزگار لاءِ ڪپڙا اڻڻ ۽ انهن تي نقش ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ غاليچن ٺاهڻ جو ڪارخانو قائم ڪيائين. غاليچن تي مختلف قسمن جا نقش چٽيندو هو، انهيءَ نسبت سان ماڻهن کيس نقشبند سڏڻ شروع ڪيو. هو پنهنجي مرشد جي چوڻ تي ستن سالن تائين مولانا عارف ديوگريءَ جي صحبت ۾ به رهيو. جنهن بعد ڇهن سالن تائين مشهور بزرگ خليل جي صحبت ۾ رهيو، جيڪو ان وقت ماوراءُ النهر جو بادشاهه مقرر ٿيو. اها حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ بخارا ويجهو ’انورتون‘ نالي ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿيو. طريقت جي تربيت کيس حضرت امير گلال کان ملي، پر حضرت عبدالخالق غجدوانيءَ کان به روحاني فيض حاصل ڪيائين. پرهيزگار بزرگ هوندو هو. هرات جو والي شاهه معز الدين لوائي سندس مريد ٿيو. هن بزرگ 3 ربيع الاول 791هه مطابق 2 مارچ 1389ع تي وفات ڪئي، سندس مزار قصر ’عارفان‘ ۾ آهي.


لفظ خواجه بهاءُ الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1318.03.08  عيسوي

خواجه بهاءُ الدين نامور عالم ۽ نقشبندي سلسلي جو باني هو. سندس والد جو نالو جلال الدين هو. هُن 4 محرم 718هه مطابق 8 مارچ 1318ع تي ايران جي شهر بخارا ۾ جنم ورتو.


1389.03.02  عيسوي

هن بزرگ 3 ربيع الاول 791هه مطابق 2 مارچ 1389ع تي وفات ڪئي، سندس مزار قصر ’عارفان‘ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪرتار سنگهه عرش
دروڻاچاريه
مير غلام شاهه ٽالپر شهيد
شجاع حبشي
مولانا ابوالعتيق غلام صديق آصف چنجڻي
درمحمد پنهور مولانا
شيخ حسين صفائي ٺٽوي
جان محمد عباسي فدا
رفيق احمد مهيسر
سوامي تلوڪداس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون